ڪراچي ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري، شهر ۾ سڄو ڏينهن برسات جاري رهندي: موسميات کاتو

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ڪراچي جي علائقي ڊالميا، راشد منهاس روڊ، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي. لياري، کهڊا مارڪيٽ، شاهراهه فيصل، طارق روڊ، پي اي سي ايڇ ايس، ايئرپورٽ، ملير بالٽ، ملير ڪينٽ ۽  ڀرپاسي ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برسات وسائيندڙ ڪڪر موجود آهن جنهن سبب اڄ وقفي وقفي سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز برسات جو امڪان آهي.