تهران ۾ اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

تهران: ايران جي راڄڌاني تهران ۾ حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي پڙهائي، جنازي نماز ۾ عورتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطين جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي رکيا هئا.

اسماعيل هنيه کي جمعي واري ڏينهن قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو سربراهه اسماعيل  هنيه گذريل ڏينهن اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. اسماعيل هنيه تهران ۾ ايراني صدر جي حلف برداري  تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ويو هو، اسماعيل هنيه جي شهادت تي ايران ۾ 3 ڏينهن  سوڳ ملهايو پيو وڃي.

اسماعيله هنيه جي شهادت تي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، فلسطين، لبنان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا.

اسماعيل هنيه کي جمعي جي ڏينهن قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ سندس مڙهه اڄ دوحه منتقل ڪيو ويندو. سندس جنازي نماز جمعي جي نماز کان پوءِ امام محمد بن عبدالوهاب مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ تدفين لوسيل جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

Funeral prayer of Ismail Haniyeh was performed in Tehran