سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي بنون ڪينٽ ۾ حملي جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي بنون ڪينٽ ۾ حملي جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي.

رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو ته صبح سوير 4 لڳي 40 منٽن تي دهشتگردن گاڏي تي سوار ٿي اي ڊي ڌماڪي سان بنون ڪينٽ جي ٻاهرين ديوار ۽ سپلائي ڊپو جي وچ روڊ تي ڌماڪو ڪري ڪينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي  فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي.

ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران دهشتگردن کي هڪ ڪنڊ ۾ محدود ڪري ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته پهرين جولاءِ تي خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ تخته بيگ چوڪي تي دهشتگردن  راڪيٽ لانچرز ۽ ڳرن هٿيارن سان رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل ناڪابندي تي موجود هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

ڊي پي او خيبر سليم عباس ڪلاچي ٻڌايو ته پوليس بهادري سان مقابلو ڪندي حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو دهشتگرد رات جي اونداهي ۾ فرار ٿي ويا. وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب پوليس ڳرن هٿيارن سان جوابي فائرنگ ڪري دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.