ڪاوڙ ۾ ڏنل فيصلو درست ناهي هوندو: جسٽس عامر فاروق

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته مون ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ فيصلو ناهي ڏنو، ڪاوڙ ۾ ڏنل فيصلو درست ناهي هوندو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته نوجوان وڪيلن جي رهنمائي لاءِ بار ڪائونسلن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وڪيلن تي ڪاوڙ ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي ايذاءُ ڏيڻ نه پر سيکارڻ آهي ڇو ته اهو پروفيشنلزم ۽ اصولن جو معاملو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته نوجوان وڪيل ڪيس جي تياري کان علاوه سٺي نموني عدالت ۾ پيش ٿين. اسان جي دور ۾ جيڪڏهن وڪيل ڪيس جو فائيل نه پڙهندو هو ته کيس ڪورٽ مان ڌڪا ڏنا ويندا هئا،نوجوان وڪيلن کي گذارش آهي ته ڪيس جون فائلون پڙهن.هن چيو ته سٺي بار سٺي بينچ ٺاهيندي آهي، اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ نوجوانن کي انهن سيٽن تي ويهڻو پوندو،چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته فيصلو لکندي اسان اهو نه سوچيو ته روسٽرم تي ڪهڙا جملا ورتا ويا، غصي ۾ ڏنو ويو فيصلو درست ناهي، منهنجو اسٽاف گواهي ڏيندو ته مون پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به غصي ۾ فيصلو ناهي ڏنو. اسان کي خيال رکڻو پوندو ڇو ته ماڻهو اسان کي انصاف لاءِ ڏسن ٿا.