رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: انٽربئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا واڌ بعد 278 رپيا 51 پئسن جو ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 45 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 280 رپين 55 پئسن تي بند ٿيو آهي.