وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل،  بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ڪوئٽه ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو.

وفاق وزيرن ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، عطاءُالله تارڙ ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ وزيراعظم سان گڏ آهن.

دوري جي دوران وزيراعظم کي صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. جڏهن ته وزيراعظم جي بلوچستان جي وڏي وزير ۽ گورنر سان پڻ ملاقات ٿيندي.

وزيراعظم دوري دوران ترقياتي منصوبن سميت سيڪيورٽي تي اهم اجلاس جي صدارت به ڪندو. وزيراعظم سان بلوچستان جو گورنر ۽ صوبائي ڪابينه جا ميمبر گورنر هائوس ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪندا جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صوبائي اڳواڻن جو وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪندو.

دوري جي دوران وزيراعظم بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن تي منتقلي جو باقاعده افتتاح به ڪندو جڏهن ته هارين جي لاءِ وڏي پيڪيج جو پڻ اعلان ڪيو ويندو.