سنڌ ۾ محرم الحرام دوران فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ۾ محرم الحرام جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

وفاقي گهرو وزارت سنڌ جي گهرو وزارت جي درخواست تي سنڌ ۾ فوج، رينجرز ۽ ايف سي جا دستا مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997  جي سيڪشن 4 ۽ 5 جي تحت سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به فوج مقرر ٿيندي.

وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل حڪم موجب فوج کي سول  انتظاميه جي مدد لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي. فوج جي مقرري زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي ويندي. صوبن کي مقرري جو اختيار هوندو.

سنڌ جي گهرو وزارت فوجي اختيارين سان رابطو ڪري محرم ۾ فوج جي مقرري جو روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي. لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل مشوري کان پوءِ فوجي دستا ضرورت موجب مقرر ٿيندا.