پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ اڄوڪو ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اسلام آبا د۾ اڄوڪو ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، علي محمد، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن سنا پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اڄوڪو جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهو جلسو آئين جي تحفظ جي لاءِ هو. چار مهينن کان پوءِ هڪ اين او سي جاري ٿي هئي، ڊپٽي ڪمشنر يا چيف ڪمشنر جي چوڻ سان اين او سي معطل نٿي ٿي سگهي، اسان ان باوجود به قانون جو سهارو وٺندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، اءِ ڪورٽ ۾ جج موجود نه هو، اسان اهو ئي سوچيو هو ته اجازت وٺي جلسو ڪنداسين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته اڄ جي جلسي جي اسلام آباد انتظاميه کي اجازت ڏني هئي پر رات جو پوليس ۽  آئي ۽ علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو، ڊي سي اسلام آباد پهريان آرڊر تي صحيح  پڻ ڪئي هئي، هن جنهن وقت اجازت ڏني ڇا هن ان وقت ڪو نشو  پيتو هو يا ڀنگ پيتل هئس. عدالت جي حڪمن جي باوجود رات دير  سان جلسي جو سامان کنيو ويو. هنن پاڻ ئي ترنول ۾ جلسي جي جڳهه ڏني هئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ڊپ سبب اين او سي ملتوي ڪئي وئي. اظهر مشواني جي ٻن ڀائرن کي کنيو ويو، اسان پڇنداسين ته ويگو ڊالي جو بجيٽ ڪيترو ۽ اسڪولن جو ڪيترو آهي.؟

اسلام آباد انتظاميه طرفان تحريڪ انصاف کي پشاور روڊ ترنول جي هنڌ تي جلسي اجازت ڏني وئي هئي پر سيڪيورٽي خدشن ۽ دهشتگردي جي خدشي سبب اجازت نامو ملتوي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ هر حال ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.