خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.

عدالت 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي وڏي وزير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

وڏي وزير علي امين گنڊاپور عدالت آڏو پيش ٿي چيو ته سرڪاري مصروفيتن سبب پيش نه ٿي سگهيس، گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي استدعا  ڪئي وئي.

عدالت درخواست منظور ڪندي وڏي وزير جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.

ڪي پي جو وڏو وزير جڊيشل ڪامپليڪس اندر ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ به دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا آڏو به پيش ٿيو، عدالت ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏيا.