موسميات کاتي ملڪ ۾ 5 کان 7 جولاءِ دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  موسميات کاتي ملڪ ۾ 5 کان 7 جولاءِ دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، مانسهره، ۽ ڪوهستان جي جابلو ندي نالن ۾ بوڏ جهڙي صورتحال جو خطرو آهي.

سنڌ جي مختلف هنڌن تي اڄ ۽ سڀاڻي موسم گرم ۽ وچولو رهندو جڏهن ته سامونڊي علائقن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي بوندا باندي جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته سڀاڻي شام کان وچ اوڀر سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب 6 کان 7 جولاءِ دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن تائين موسم گرم ۽ وچولو رهندو ڪجهه هنڌن تي موسم جهڙالو رهندو جڏهن ته شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي پر ان دوران سامونڊي هوائون هلنديون رهنديون.

ان کان علاوه ايبٽ اباد، دير، سوات، ڪشمير، ڊيره عازي خان، لاهور، سيالڪوٽ، گوجرانوالا، نارووال، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي جڏهن ته تيز برساتن سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ جي آمد رفت متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي