بيروزگار نوجوانن لاءِ خوشخبري: گريڊ هڪ کان 19 تائين 346 جڳهين تي ڀرتي جي منظوري

اسلام آباد: اسٽيبلشمينٽ ڊويزن گريڊ هڪ کان 19 جي 346 خالي جڳهين تي ڀرتي جي منظوري ڏيندي هر وزارت جي لاءِ ڌار ڌار اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اين او سي ڇهن مهينن لاءِ ڪارآمد هوندي. اين او سي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سرپلس پول مان جاري ڪيون ويون

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل اين او سيز جي جاري ڪيل آفيس ميمونڊزم موجب نارڪوٽڪس وزارت ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 247، دفاع ڊويزن ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 68، فيڊرل گورنمنٽ ٽي بي سينٽر راولپنڊي، صحت واري وزارت ۾ 6 دفاع جي تحت جونيئر سيويلين سيڪيورٽي آفيسر جون 2، ڪابينه ڊويزن جي تحت نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان ۾ 9 خالي جڳهين تي ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي.

ان کان علاوه اسسٽنٽ سيڪريٽري وائلڊ لائف گريڊ 17 جي هڪ سٽيسٽيڪل آفيسر پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ريسرچ سينٽر جي هڪ، ڊپٽي ڊائريڪٽر پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ سينٽر جي هڪ، اسٽاف ويلفيئر آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر جي هڪ ۽ اسٽاف ويلفيئر آفيسر جي هڪ، ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ گريڊ 16 کان 19 تائين 8 ۽ لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊيري ڊوالپمينٽ آءِ سي ٽي ۾ وٽرنري آفيسر جي هڪ خالي جڳهه تي به ڀرتي جي منظوري ڏني وئي آهي.