اسرائيل جو سيف زون تي حملو، هڪ ئي خاندان جي 9 ڄڻن سميت 12 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي فوج غزه ۾ سيف زون قرار ڏنل علائقي تي حملو ڪري هڪ ئي خاندان جي 9 ڄڻن سميت 12 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج نور شمس پناهگيرن ڪيمپ تي به حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

ٻئي طرف گڏيل قومن ٻڌايو آهي ته اسرائيل طرفان لڏ پلاڻ جا حڪم ملڻ کان پوءِ ڏاکڻي علائقي خان يونس ڇڏيندڙ فلسطينين جو انگ اڍائي لک تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته غزه ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جو ٽوٽل انگ تقريبن 19 لک ٿي ويو آهي.

صحت واري عالمي اداري چيو آهي ته غزه ۾ جنگ سبب پيدا ٿيندڙ خراب حالتن سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ فسلطيني جلد جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

عرب ميڊيا موجب 7 آڪٽوبر کان جاري غزه جنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار 925 فلسطيني شهيد ۽ 87 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

Israel attacked the safe zone