آمريڪي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان سان گڏجي مسلسل شراڪت داري جو جشن

اسلام آباد: متحده آمريڪا جي رياست جي 248 هين آزادي جي ڏهاڙي جو جشن ملهائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ هڪ رنگا رنگ ۽ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي . ”ميڊ اِن يو ايس “ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ان تقريب ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پائيدار شراڪت داري کي اجاگر ڪيو ويو  ۽ ٻنهين ملڪن پاران ان عزم کي ورجايو ويو  ته هو پنهنجي شهرين کي خوشحال مستقبل فراهم ڪري سگهن .پاڪستاني حڪومت پاران تقريب جو خاص مهمان ترقياتي رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال هو .

پاڪستان جا سرڪاري عملدار ، ڪاروباري ، تدريسي ، سول سوسائٽي سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ سفارتڪارن هن تقريب ۾ خاص شرڪت ڪندي ٻنهين ملڪن وچ ۾ آزادي ، جمهوريت ۽ معاشي خوشحالي جي گڏيل قدرن کي اجاگر ڪيو . موسيقي ، لذيذ کاڌن ۽ ثقافتي روايتن سان ڀريل اها تقريب متحده آمريڪي رياست  جي ڀرپور عڪاسي ڪري رهي هئي جڏهن ته آتشبازي جي شاندار مظاهري آزادي واري جشن کي وڌيڪ رنگين ڪري ڇڏيو .

آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار تي ٻڌل تعلقات شراڪت داري جي تمام وڏي تاريخ تي پکڙيل آهن .توانائي ۽ بنيادي ڍانچي واري شعبن ۾ پاڪستان  ۾ ڪيترائي وڏا پاڻي جا ذخيرا آمريڪي سهڪار سان تعمير ڪيا ويا .خانگي شعبي ۾ درجنين آمريڪي ڪمپنيون لکين پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪري رهيون آهن ۽ اهم تحقيقي ۽ ترقياتي اثاثا فراهم ڪن ٿيون .پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا آمريڪي سهڪار سان مضبوط ڪيا ويا آهن. پاڪستاني پروڊڪٽس جي سڀ کان وڏي امپورٽيڊ منڊي هئڻ آمريڪا لاءِ فخر لائق آهي جڏهن ته پاڪستاني انهن واپاري لاڳاپن کان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪندي هر سال اربين ڊالر ماليت جي امپورٽ آمريڪي منڊين کي فراهم ڪن ٿا . ان کان سواءِ تبديلي جو حامل يو ايس پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ موسمياتي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي مضبوط ڪندي پاڪستان جي شفاف توانائي ڏانهن ڪوششن ۾ مددگار آهي .

ان موقعي تي خطاب ڪندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ٻنهين ملڪن جا لاڳاپا بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهن.هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ملڪ ڪيترين ئي وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا آهن ، جيئين ٻوڏ ، جنگ ، وبا يا معاشي بحران شامل آهن پر اسان مان جن به ماڻهن ان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي اهي ان ڳالهه جا معترف رهيا آهن ته اسان جي شراڪت داري سدائين اسان جي قومي خوشحالي ۽ سلامتي ۾ اضافي ڏانهن جاري ڊگهي سفر جو اهم حصو رهي آهي .

ان تقريب آمريڪا ۽ پاڪستان جي ٻٽن تعلقاقن کي مضبوطي جي اهميت کي اجاگر ڪندي معاشي رابطن ۾ وسعن، ثقافتي ڏي وٺ ۾ فروغ ۽ گڏيل دلچسپي واري شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار جي عزم جي به تائيد ڪئي .

متحده آمريڪا جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻنهين ملڪن گڏيل بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ روشن مستقبل جي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو به عزم ڪيو .