بلوچستان ۾ 3 جولاءِ کان 7 جولاءِ تائين مون سون برساتن جي اڳڪٿي

ڪوئيٽا: موسميات کاتي صوبي ۾ 3 جولاءِ کان 7 جولاءِ تائين مون سون برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي،موسميات کاتي موجب 3 جولاءِ کان عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان مون سون جون هوائون شدت سان ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿينديون، جنهن جي نتيجي ۾ 3 جولاءِ کان 7 جولاءِ تائين بلوچستان جي اوڀرندي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. جو امڪان آهي،ٻئي طرف پي ڊي ايم اي صوبي جي 15 ضلعن لسبيلا، خضدار، آواران، جهل مگسي، قلات، نصيرآباد، اوستا محمد، صحبت پور، جعفرآباد، ڊيرا بگٽي، موسيٰ خيل ڪوهلو، ژوب زيارت، بارکان جي انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه سياحن ۽ مسافرن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن جڏهن ته عام شهرين کي گجگوڙ دوران محفوظ هنڌن تي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.