آمريڪي جمهوري نظام ۾ ڪانگريس حڪومت جي الڳ شاخ آهي

واشنگٽن : آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ترجمان ويدانتا پٽيل چيو آهي ته ڪانگريس التوا واري قانون تي بحث نه ٿي ڪري سگهي.ايوان نمائندگان ۾ پاڪستان بابت ٺهراءُ تي رد عمل ظاهر ڪندي هن چيو ته آمريڪي جمهوري نظام ۾ ڪانگريس حڪومت جي الڳ شاخ آهي.هن چيو ته هو اهو معاملو پاڪستاني اختيارين سان اٿاري رهيا آهن، آمريڪي اعليٰ اختيارين مسلسل، خانگي ۽ عوامي سطح تي پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته آئين موجب عوام جي حقن جو احترام ڪيو وڃي.ويدانتا پيٽيل موجب، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪيو وڃي،آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته ان ۾ اظهار جي آزادي، پرامن اسيمبلي ۽ مذهبي آزادي پڻ شامل آهي،

In the American democratic system