پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿي، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ قانوني جواز کان سواءِ اضافو ڪري ڇڏيو.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حڪومت جو قدم آئين جي بنيادي حقن خلاف آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي وڌيڪ وڌندي. عدالت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي.