پاڪستان جي 41 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع

اسلام آباد: پاڪستان جي 41 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم شروع ٿي وئي آهي، مهم جي دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 95 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

پهرين جولاءِ کان 7 جولاءِ تائين بلوچستان جي 16، خيبرپختونخواهه جي 11، سنڌ جي 8، پنجاب جي 5 ضلعن ۽ اسلام آباد جي مخصوص يونين ڪائونسلز ۾  گهر گهر پوليو مهم هلائي ويندي.

بلوچستان ۾ پوليو ڪيسز جي سڃاڻپ ۽ 41 کان وڌيڪ ضلعن جي سيوريج جي نمونن ۾ پوليو وائرس سامهون آيو آهي جنهن جي ڪري پوليو کان بچاءُ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي.

پوليو ويڪسينيشن مهم 41 ضلعن ۾ هلائي ويندي جنهن مان 11 ضلعن ۾ جزوي مهم ٿيندي خيبرپختونخواهه ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي، پنج ڏينهن جي پوليو کان بچاءُ واري مهم پهرين جون کان 5 جولاءِ تائين جاري رهندي.

پوليو کان بچاءُ واري مهم صوابي، سوات، ٽانڪ، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ هلائي ويندي. اختيارين موجب گڏيل طور تي 12 لک 89 هزار ٻارن کي پليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. پوليو کان بچاءُ واري مهم لاءِ 9900 ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

ٻئي طرف حيدرآباد ۾ به 7 ڏينهن جي پوليو کان بچاءُ جي مهم شروع ٿي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لالا جعفر ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو. پوليو کان بچاءُ واري مهم جو افتتاح رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ ٿيو.

ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لالا جعفر چيو ته پنج سالن جي عمر تائين جي 4 لک 1 هزار ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جو حدف آهي مهم دوران 15 سئو 65 موبائل ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.