چونڊون 2029 ۾ ٿينديون،مولانا حڪومتي قدمن جي ساراه ڪري، تارڙ

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته چونڊون 2029ع ۾ ٿينديون. هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر ۽ معزز سياستدان آهي، مولانا کي حڪومت جي بهتر معاشي قدمن کي ساراهڻ گهرجي جنهن سبب اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندين تي آهي.هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، واپاري خسارو گهٽجي رهيو آهي ۽ رپئي جي قدر مستحڪم ٿي رهي آهي، هي وقت بيان بازي جو نه آهي، سياست پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي.

Elections will be held in 2029