حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 265 رپيا 61 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 56 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 277 رپيا 45 پيسا في ليٽر هوندي.ذريعن موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 5 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.