آمريڪي ڪانگريس جو قرارداد پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ غير ضروري مداخلت آهي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد: پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس طرفان قرارداد پاڪستان جي گهرو معاملن ۾ غير ضروري مداخلت آهي.

پرڏيهي ترجمان پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي ڪانگريس کي پاڪ، آمريڪا لاڳاپن ۾ مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، پاڪستان، آمريڪا سان گڏيل اعتماد ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ وارن اصولن تي لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ آمريڪي ڪانگريس 8 فيبروري تي پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊنگ ۾ ووٽنگ کانپوءِ ڦير گير جي دعوائن جي اڻ ڌري جاچ جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪندي ڏکڻ ايشيائي ملڪ جي جمهوري عمل ۾ عوام جي شموليت تي زور ڏنو هو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته حڪومت رضوان سعيد کي واشنگٽن ۾ نئون سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عاصم افتخار کي نيو يارڪ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو ايڊيشنل مستقبل نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عاصم افتخار مناسب وقت تي مستقل نمائندو جو عهدو سنڀاليندو.