پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 50 پئسا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، اگهن جي حوالي سان حتمي فيصلو حڪومت 30 جون تي ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت 3 ڊالر في بيرل واڌ سان 84 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 4 ڊالر واڌ سان 95.50 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

July 1st increase in the price of petroleum products