مون کي ڇڏيو، پنهنجي ڀينرن جو سوچيو: فضا علي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي : مشهور پاڪستاني اداڪارا پنهنجي فالوورز، يوٽيوبرز ۽ ننڍن ننڍن خابرو ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سندس بابت سوچڻ بدران پنهنجي ڀينرن جي ڳڻتي ڪن. فضا علي مقبول پاڪستاني اداڪارا آهي ۽ وڊيوز جاري ڪندي رهندي آهي هن ڀيري کيس اهڙو وڊيو بيان ڏيڻ جي ضرورت ڇو پئي؟ اصل ۾ اداڪارا بابت ڪوڙيون خبرون هلي رهيون هيون ته هو لنڊن ۾، وري پاڪستان ۾، وري ٻئي ملڪ ۾ شادي ڪري رهي آهي. اداڪارا جي مهندي، شادي، نڪاح جي رسمن جي حوالي سان خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ۾ هيون. تنهن کانپوءِ اداڪارا سڀني کي صلاح ڏني ته هو جڏهن به شادي ڪندي سڀني کي ٻڌائيندي تنهن جي ڪري هو پنهنجي ڀينرن جي ڳڻتي ڪن.

Leave me