ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام جو ٿيندو.

ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ 12 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽس ۽ ايٿليٽ ارشد نديم کي شاندار ڪارڪردگي تي 25 لک روپيه انعام ڏيڻ جي به منظوري ڏني ويندي.

اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال 2023-24 جي پي ايس ڊي پي لاءِ گوادر ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اضافي فنڊز فراهم ڪرڻ جي منظوري به منظوري جو امڪان آهي. اسلام آباد پوليس ۾ ڀرتين جي اسڪريننگ ٽيسٽ لاءِ اين ٽي ايس کي 2 ڪروڙ 91 لک روپين جي ادائيگين جي حوالي سان به ضمني گرانٽ ملڻ جي منظوري جو به امڪان آهي.