جسٽس شهزاد احمد خان، جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: جسٽس شهزاد احمد خان، جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن بطور سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو.

حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ منعقد ٿي جتي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاصي فائز عيسيٰ انهن کان حلف ورتو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وزارت لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن سميت ٽن ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

گذريل ڏينهن  قانون واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي آئين آرٽيڪل 177 جي شق (1) ۾ ڏنل اختيارن جو استعمال ڪندي ٽنهي ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري ڏني.

نوٽيفڪيشن ۾ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان، جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن جي بطور سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج جي طور مقرري جي منظوري ڏني وئي هئي.

ان کان علاوه صدر آصف زرداري لاهور هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس شجاعت علي خان کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو. جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان طرفان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي مقرري تائين شجاعت علي خان اهي ذميواريون ادا ڪندو رهندو.

جسٽس محمد شفيع صديقي کي وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ جسٽس ملڪ شهزاد خان چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس عقيل احمد عباسي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس شاهد بلال حسن لاهور هاءِ ڪورٽ جا جج هئا

Justice Shahzad Ahmad Khan