پي ٽي آءِ ٻِي پارٽي ۾ شامل ٿي خودڪشي ڇو ڪئي؟ چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سني متحده ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هن خودڪشي ڇو ڪئي ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي؟چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.سُني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي پنهنجي دليلن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته انهن فيصلن ۾ آئيني تشريح جي فطري حدن سان مطابقت تي زور ڏنو ويو آهي.وڪيل فيصل صديقي چيو ته آرٽيڪل 51 ۽ 106 مان 3 اهم نقطا ٻڌائڻ گهرجن، آزاد اميدوار ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽي جي غلط تشريح ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت آئين ۾ تبديلي ڪئي آهي چيف جسٽس آف پاڪستان، وڪيل فيصل صديقي سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇڏي ڏيو اليڪشن ڪميشن بابت ڇا سوچي رهيا آهيو، اليڪشن ڪميشن به آئين تي ڀروسو ڪندي، اليڪشن ڪميشن آئين جي غلط تشريح به ڪري سگهي ٿي، ان جو انحصار آئين تي ناهي. تشريح توهان کي آئين جي مطابق ڪرڻ گهرجي، توهان جي نه، اليڪشن ڪميشن کي ڇڏي ڏيو، پنهنجو ڪم ڪريو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته آئين موجب سني اتحاد مخصوص سيٽون ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مخصوص سيٽون متناسب نمائندگي جي اصول تي هونديون، سيٽون هر پارٽي جي ڏنل فهرست موجب هونديون، هر پارٽي کي آزاد اميدوارن جي شموليت کانپوءِ ان جي جنرل سيٽن جي بنياد تي مخصوص سيٽون ملنديون.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن آئين جي فطري مفهوم کي نظر انداز ڪيو وڃي ته ائين ڇو ڪيو وڃي؟وڪيل فيصل صديقي چيو ته اصل مسئلو آئيني شقن جو مقصد آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهن کي خاص سيٽون ڇو ڏنيون وڃن جن اليڪشن وڙهڻ جي به جرئت نه ڪئي؟ جڏهن ته جسٽس عرفان سعادت خان رمارڪس ڏنا ته آئين ۾ ڏنل لفظ توهان جي دليلن سان بي اثر ٿي ويندا، سني اتحاد ڪائونسل سياسي پارٽي ناهي.پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مخصوص سيٽن جو دارومدار چونڊن ۾ ڪارڪردگي تي ناهي.جسٽس اطهر من الله چيو ته چونڊ نشان هٽائڻ کانپوءِ ڪا به سياسي پارٽي ناهي رهي، اليڪشن ڪميشن ان کي غير فهرستيل سياسي جماعت قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ اڃا به سياسي پارٽي آهي ته پوءِ اها ٻي پارٽي ۾ ڇو آئي؟ توهان خودڪشي ڇو ڪئي جسٽس اطهر من الله چيو ته مون اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پڙهيو جيڪو چونڊن کان اڳ آيو، سمورو معاملو اُلجهي ويو جڏهن پي ٽي آءِ کان نشان ورتو ويو، سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ چونڊ نشان کانسواءِ ڪيئن کٽي سگهي ٿي؟چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته فيصلي کانپوءِ به پي ٽي آءِ آزاد اميدوارن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڇو نه ڪئي؟ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪهاڻي ختم ٿي وڃي ها.