گهارو ۾ افسوسناڪ واقعو، ماءُ ٻن ڌيئرن سميت بجلي ڪرنٽ سبب فوت

گهارو: گهارو ۾ ماءُ ٻن ڌيئرن سميت بجليءَ جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿي وئي، گهارو ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ  لڳڻ سبب ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت ٿي وئي، گهر ۾ قهرام مچي ويو.

گهارو شھر جي نبن چانڊيو ڪالوني ۾ بجلي جو بٽڻ لڳائڻ دوران گهر ڌياڻي مريم کي ڪرنٽ لڳو ماءُ کي بچائڻ دوران سندس شادي شده 2 ڌيئر زبيده ۽ ظھره پڻ بجلي جو ڪرنٽ ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويون، گهر ۾ قهرام مچي ويو، شهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي.

Tragical incident in Gharo