مراد علي شاهه پاران اٺ جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي بابت سوشل ميڊيا جي ڪردار تي ڇتي تنقيد

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اٺ جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي بابت سوشل ميڊيا جي ڪردار تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي

سي پي او ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اٺ جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي بعد اٺ جا مالڪ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار نه هئا، پوليس پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو

 سوشل ميڊيا تي هڪ ماڻهوءَ جي قتل واري وڊيو هلائي چيو ويو ته اٺ جي مالڪ کي ماريو ويو آهي، قتل واري وڊيو سنڌ جي به نه هئي، ڪنهن به وضاحت جاري ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ويٺل مخصوص جماعت جا ماڻهو عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهن، چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو به بي وقوف بڻجي رهيا آهن