اليڪشن ٽربيونل ڪيس: چيف جسٽس پاران معزز جو لفظ استعمال ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ڇنڊ

اسلام آباد:  چيف جسٽس پاڪستان معزز جو لفظ استعمال ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ڇنڊ پٽي ڇڏي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل بينچ اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سڪندر بشير ۽ پي ٽي آءِ جا وڪيل سلمان اڪرم راجه عدالت ۾ پيش ٿيا

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ايڪٽ 140 جي تحت اليڪشن ڪميشن ججز مقرري جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو جيڪو 14 فيبورري تي لکيو ويو. اليڪشن ڪميشن موقف اپنايو ته رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ججز جي پينل جي لسٽ ڏني وڃي.

سڪندر بشير چيو ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جو نوٽيفڪيشن ساڳئي ڏينهن جاري ڪيو هو. راولپنڊي ۽ بهاوالپور ٽربيونل جو نوٽيفڪيشن 26 اپريل تي جاري ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس معزز جو لفظ استعمال ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي پڇيو ته اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ ڪٿان کان پڙهيا آهيو؟ جنهن تي سڪندر بشير ٻڌايو ته مان انگلينڊ مان قانون ۾ ماسٽر ڪيو آهي.

جسٽس قاضي فائز چيو ته ڇا انگلينڊ ۾ به پارليامينٽ جي لاءِ معزز جو لفظ استعمال ٿيندو آهي؟ هن چيو ته ججز ۽ پارليامينٽريز کي معزز چئي سگهجي ٿو  پر پارليامينٽ يا عدالت کي نه. جيڪڏهن ائين ڪري سگهو ٿا ته پوءِ  اليڪشن ڪميشن جي لاءِ به معزز جو لفظ استعمال ڪريو. چيف جسٽس قاضي فائز طرفان ڇنڊ پٽڻ تي وڪيل سڪندر بشير معزز لفظ استعمال ڪرڻ تي معذرت ڪري ورتي.