عمران خان کي آزاد ڪرڻ جهڙيون حالتون نه آهن، 30 آگسٽ تائين صورتحال تبديل ٿي ويندي: شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هن وقت تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ جهڙي صورتحال نه آهي.

نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سمورو ووٽ بينڪ پي ٽي آءِ باني جو آهي پر عمران خان ڪڏهن آزاد ٿيندو، ان جي باري ۾ هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهان، هن وقت حالتون صحيح نه آهن. 30 آگسٽ تائين ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو.

شيخ رشيد احمد چيو ته اليڪشن ٽربيونل جو ڪيس تمام گهڻو اهم آهي گهڻو ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويندو. عيدالاضحيٰ جي حوالي سان هن ٻڌايو ته مون اٺن جي قرباني ڪئي، ماڻهن سان عيد مليس ۽ نيشنل پريس ڪلب ۾ ماني به کاڌي.

There are no conditions to free Imran Khan