حج دوران هيٽ ويو سبب فوت ٿيل حاجين جو انگ 922 تائين پهچي ويو

رياض: مڪي شريف ۾ هلندڙ حج سيزن جي دوران هيٽ ويو سبب فوت ٿي ويل حاجين جو انگ 922 ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

فرانسيسي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي رپورٽ موجب حج سيزن جي دوران گرمي سبب فوت ٿي ويل حاجين جو انگ 922 تائين پهچي ويو آهي. عرب سفارتڪار موجب فوت ٿي ويل مصري حاجين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 600 تائين آهي.

فرانسيسي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فوت ٿيل ٻين حاجن جو تعلق اردن، انڊونيشيا، ايران، سينگيال، تيونس ۽ عراق سان آهي پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته انهن ملڪن جي حاجين جون فوتگيون هيٽ ويو سبب ٿيون آهن يا نه. اردن جي گم ٿيل 20 حاجين جي ڳولا به جاري آهي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب هن سال 18 لک حاجي سڳورن  حج جا فرض ادا ڪيا. حج جي دوران گرمي پد 51.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.