پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي ايڪشن وٺڻ جو فيصلو

لاهور : آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان نيڪالي ڏني ويندي، جڏهن ته ڪيترن ئي رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تان هٿ کڻڻو پوندو.ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي. قومي ڪرڪيٽرن کي گذريل سال پهرين جولاءِ کان 3 سالن جو معاهدو ڏنو ويو هو.ان دوران قومي ٽيم ايشيا ڪپ، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ناڪام ٿي وئي. پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري ۾ به ناڪام رهي.