عيد جي ٻئي ڏينهن کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جا امڪان

اسلام آباد : عيد جي ٻئي ڏينهن کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب 18 جون کان 22 جون جي رات تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ طوفان ۽ برسات جو امڪان آهي.18 جون کان 22 جون جي رات تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف 20 کان 22 جون تائين بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 21 ۽ 22 جون تي سکر، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.

On the second day of Eid