لکين حاجي سڳورن اڄ عرفات جي ميدان ۾ رڪن اعظم وقوف ادا ڪيو

مڪو: 20 لک کان وڌيڪ حاجي سڳورن اڄ عرفان جي ميدان ۾ حج جو رڪن اعظم وقوف ادا ڪيو.

حج جو رڪن اعظم وقوف جي ادائيگي لاءِ لکين حاجي سڳورا عرفان جي ميدان ۾ پهچي ويا جتي هو ظهر ۽ عصر جون نمازون قصروجمع جي صورت ۾ ادا ڪيون ۽ خطبو ٻڌو مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏنو ويو. مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ماهر حمدالمعيقلي خطبو ڏنو جنهن کي اردو سميت 50 ٻولين ۾ نشر ڪيو ويو.

حاجي سڳورا سڄو ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ عبادتون ۽ دعائون ڪندي گذاريندا. عرفات ۾ حج جو خطبو ٻڌڻ کان پوءِ ظهر ۽ عصر جي نماز گڏيل طور ادا ڪئي وئي مغرب کان اڳ حاجي سڳورا مزدلفه طرف روانا ٿيندا ۽ اتي مغرب ۽ عشا جون نمازون گڏ پڙهندا. مزدفله ۾ حاجي سڳورا(رمي) شيطان کي هڻڻ لاءِ پٿريون گڏ ڪندا.

آچر جي صبح حاجي سڳورا واپس منه روانا ٿيندا ۽ شيطان کي پٿريون هڻندا جنهن کان پوءِ قرباني ڪئي ويندي ۽ حاجي سڳورن جو حج جو فرض مڪمل ٿي ويندو.

عرب ميڊيا موجب عرفات ۾ مسجد نبوي کان پوءِ مڪي شريف جي علائقي جي ٻئي وڏي مسجد نمره ۾ حاجي سڳورن جي استقبال جون تياريون ڪيون ويون آهن. مناسڪ حج جي شروعات گذريل ڏينهن ٿي هئي. ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 43 سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جي ڪري سعودي اختيارين سمورن زائرين تي زور ڏنو آهي ته اهي اُس ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ ڇتري جو استعمال ڪن ۽ گهڻو کان گهڻو پاڻي پيئن.

سعودي صحت واري وزارت حاجي سڳورن جي فلاح ۽ بهبود کي يقيني بنائڻ جي لاءِ 34000 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن، نرسن، فارماسسنون ۽ انتظامي عملي کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. 7 ايئرايمبولينس ۽ 730 ايمبولينسون به دستياب آهن جيڪي حاجي سڳورن کي ضرورت پوڻ تي طبي امداد ڏئي رهيون آهن.