سنڌ جو وڏو وزيرمراد علي شاهه ايندڙ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انگريزي زبان ۾ سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي. هن لڳاتار چوٿون ڀيرو وڏي مينڊيٽ سان پيپلزپارٽي کي چونڊڻ تي سنڌ جي عوام جو شڪريو ادا ڪيو. هن صحت، ٽعليم ۽ آبپاشي کاتن ۾ ڪيل حڪومت جي ڪمن جو تفصيل پيش ڪيو. هن چيو ته گمبٽ ۾ 5 انساني اهم عضون جي ٽرانسپلانٽ جاري آهي ۽ هڪ ڇت هيٺ اها سهولت پاڪستان ۾ ڪٿي به نه آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسپتال ٺاهي آهي جنهن ۾ ايتريون سهولتون آهن مفت ۾ جيتريون آغا خان يا سائوٿ سٽي هڙين نجي اسپتالن ۾ به موجود نه آهن. هن چيو ته سکر ۽ شڪارپور سميت مختلف شهرن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون. هن چيو ته ٿر ڪول مان سستي ترين بجلي پيدا ڪري ملڪ کي ڏيون پيا، اسين هوا ۽ سولر مان به بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. اسين پيپلز بس سروس شروع ڪئي ۽ عوام کي سسٽي ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ بس سروس ڏني. هن سروس جي ڊمانڊ تمام گهڻي آهي پر اسان وت وسيلا گهٽ آهن. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا. گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پل جيڪا سنڌو درياءَ تي ڊگهي ۾ ڊگهي پل آهي، اين اي ڊي پارڪ 25 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو، ملير هاءِ ويز تي ڪم هلي پيو. نبي سر کان ٿر ڪول پاڻي جي لائين وڇايون پيا. ڌاٻيجي صنعتي زون سيپيڪ جو حصو آهي. هن 2022 جي ٻوڏ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اسين ڪوووڊ مان نڪتاسين ته ٻوڏ آهي جنهن 70 سيڪڙو صوبي کي متاثر ڪيو، اسڪول، گهر، فصل تباهه ٿيا، اسين نقصان جي تلافي بحالي تي ڪم ڪريون پيا. هڪ موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميبر چيو ته انگريزي بدران اردو ۾ تقرير ڇو نٿا ڪريو، مراد شاهه چيو ته اردو تقرير جي ڪاپي موجود آهي. اسپيڪر اويس شاهه تقرير ۾ مداخلت کان سڀني کي روڪي ڇڏيو.