پگهاردار طبقو ٽيڪس ۾ واڌ تي سخت پريشان

اسلام آباد : حڪومت طرفان ٽيڪسن ۾ واڌ تي پگهاردار طبقو سخت پريشان آهي.سرڪاري ملازمن جو چوڻ آهي ته هن مهانگائي ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ کانپوءِ پگهارن ۾ واڌ جو ڪو به فائدو ناهي.خانگي ملازمن جو چوڻ آهي ته پگهارون نه وڌي رهيون آهن، هر سال ٽيڪسن ۾ واڌ سبب سندن گذر بسر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.