فهد مصطفيٰ جي 10 سالن کانپوءِ ٽي وي ڊرامن ۾ واپسي

ڪراچي : مشهور پاڪستاني ٽي وي ۽ فلمي اداڪار، ميزبان ۽ پروڊيوسر فهد مصطفيٰ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندو. ياد رهي ته اداڪار فهد مصطفيٰ شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2003ع ۾ ڊرامي سيريل ”امرائو جان ادا“ سان ڪئي هئي. ڊرامي انڊسٽري کي 12 سال ڏيڻ کانپوءِ اداڪار 2015ع ۾ ٽي وي تان بريڪ جو اعلان ڪيو. فهد مصطفيٰ آخري ڀيرو 2015ع ۾ ڊرامي سيريل ”دسري بيوي“ ۾ نظر آيو هو.ان بعد فهد مصطفيٰ ميزباني ۽ فلم پروڊڪشن جي شعبي ۾ مصروف ٿي ويو.هاڻي اداڪار فهد مصطفيٰ مشهور اداڪارا هانيا عامر سان گڏ 10 سالن کانپوءِ ٽي وي اسڪرين تي واپسي جو فيصلو ڪيو آهي.