مالي سال 25-2024 لاءِ اڄ پنجاب جو بجيٽ پيش ڪيو ويندو

لاهور: پنجاب جي مالي سال 25-2024 جو بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو جنهن جو ٽوٽل حجم 5446 ارب روپيه ٿيڻ جو امڪان آهي.

نجي چينل کي ملندڙ دستاويزن موجب صوبائي ناڻي وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان بجيٽ پيش ڪندو. ناڻي واري وزارت پنجاب کي 3700 ارب وفاق کان اين ايف سي جي تحت ملڻ جي اميد آهي

ذريعن موجب پنجاب ۾ آمدني جي ذريعن جي مد ۾ محصولات جو حدف هڪ هزا ر26 ارب روپيه هوندو ۽ پگهارن جي مد ۾ 595 ارب ۽ پينشن جي مد ۾ 445 ارب روپيه رکيا ويندا جڏهن ته سروس ڊيليوري خرچن جو اندازو 840 ارب روپيه لڳايو ويو آهي.

ترقياتي بجيٽ جو حجم 700 ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي. رمضان پيڪيج لاءِ 30 ارب، سي بي ڊي کي 8 ارب ڏنا ويندا. ايندڙ مالي سال 1863 اسڪيمن کي مڪمل ڪيو ويندو. جاري 1617 جڏهن ته 246 نيون اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي تجويز آهي. روڊ سيڪٽر اسڪيمن لاءِ 1 کرب 21 ارب 74 ڪروڙ 60 لک روپيه رکيا ويا آهن.

ذريعن موجب اسپيشل ايجوڪيشن لاءِ 2 ارب رسمي ۽ غير رسمي تعليم لاءِ 3 ارب 50 ڪروڙ رکيا ويا آهن. جڏهن ته اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر لاءِ 4 ارب 87 ڪروڙ 50 لک روپيه رکيا ويا آهن. اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر لاءِ 76 ارب 61 ڪروڙ 50 لک ۽ پرائمري هيلٿ ڪيئر لاءِ 33 ارب 89 ڪروڙ 70 لک روپيه رکيا ويا آهن.

پاپوليشن ويلفيئر 3 ارب، واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن 8 ارب 9 ڪروڙ 90 لک روپيه رکيا ويا آهن جڏهن ته سوشل ويلفيئر هڪ ارب پنج ڪروڙ ۽ وومين ڊوالپمينٽ لاءِ 92 ڪروڙ رکيا ويا آهن لوڪل گورنمنٽ لاءِ 14 ارب 4 ڪروڙ 80 لک رکيا ويا آهن.