پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ اڳيان نٿا وڌي سگهون: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي جو احتجاج رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ اڳيان نٿا وڌائي سگهون. نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو ان لاءِ ڪئي ته جيئن اهو سوچي فائلرز جي اصطلاح به پاڪستان ۾ ئي آهي.

اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ساڻس گڏ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، چيئرمين ايف بي آر ملڪ امجد زبير ٽوانه، ناڻي وارو سيڪريٽري امدادالله بوسان به موجود هئو

پريس ڪانفرنس جي شروعات کان اڳ ڪانفرنس جي لاءِ سمورن شرڪت ڪندڙ پگهار طبقي تي اربين روپيه ٽيڪس لڳائڻ تي ناڻي واري وزير آڏو احتجاج ڪيو ۽ ناڻي واري وزير کي پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جي غير منصفاڻي بار کي گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

ناڻي واري وزير چيو ته 10 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي. ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي شرح جي ايندڙ ٻن ٽن سالن تائين وڌائي تيرنهن سيڪڙو تائين کڻي ويندو. بجيٽ جو ٻيون اصول معيشت کي دستاويزي بنائڻ آهي. ايف بي آر جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ٿي رهي آهي اها صحيح آهي ته اهڙي طرح ڪمپلائنس نٿو ٿي سگهي، هيومن مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪري ڊيجيٽائزيشن طرف وڃي رهيا آهيون.

هن چيو ته پروگريسو ٽيڪسيشن طرف وڃي رهيا آهيون جنهن جي آمدني وڌيڪ آهي. ان تي وڌيڪ ٽيڪس جو اصول اپنايو ويو آهي. نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح وڌائي 45 سيڪڙو تائين ڪئي وئي آهي. اهڙي قسم جو مقصد ئي اهو آهي ته اهو 3 کان 4 ڀيرا سوچي ضرور ته فائلرز جي اصطلاح به پاڪستان ۾ ئي آهي. اسان ملڪ مان نان فائلرز کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پنج بنيادي اصولن تي بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ليوي 80 روپيه ڪئي وئي آهي اها هڪ ئي وقت نه وڌائي ويندي جيڪڏهن پي ڊي ايل وڌائڻو به پيو ته آهسته وڌائينداسين ۽ ان کي عالمي قيمتن سان جوڙينداسين.

هن چيو ته پگهاردار طبقي ۾ ڇهه لک آمدني جي ڇوٽ برقرار رکي آهي ۽ پگهاردار طبقي لاءِ وڌ کان وڌ 35 سيڪڙو ٽيڪس جي شرح رکي وئي آهي. البته ٽيڪس سليبز ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ هيٺ مٿانهين ضرور ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزير ٻڌايو ته جولاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو اهڙي اسڪيم تي ڪم هلي رهيو آهي.