اڊيالا جيل واري سان رابطو نه آهي، اڳڀرائي ٿي ته ٻڌائيندس: مولانا فضل الرحمان

پشاور: جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ باني سان رابطي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجو اڊيالا جيل واري سان ڪوبه رابطو نه آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته جڏهن به تحريڪ انصاف سان ڪوبه رابطو يا اڳڀرائي ٿي ته ٻڌائيندس، اسان جي خدشن ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ وارو ڪير به نه هو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان 2018 جا نتيجا رد ڪيا. 2024 جي چونڊن جا نتيجا به رد ڪريون ٿا. هو چاهين ٿا ته آئنده ائين نه ٿئي، اسان کي هاڻ يقين ڏياريو وڃي.  مسئلن جي حل لاءِ فوري طور تي نيون چونڊون ڪرايون وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان اصول تي بيٺل آهيون، سرنڊر نه ڪنداسين، جيڪي طاقتون ائين ڪن ٿيون انهن کي عوام جي سامهون سرنڊر ڪرڻو پوندو.

There is no contact with Adiala Jail Wari