منهنجي ڪري هڪ ڇوڪري جي مڱڻي ٽٽي وئي:سونم باجوا

ممبئي : مشهور ڀارتي اداڪارا سونم باجوا انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ جنوني ڇوڪري منهنجي ڪري مڱڻي ٽوڙي ڇڏي.سونم باجوا اڄڪلهه پنجابي ڳائڻي ۽ اداڪاره ايمي ڪم سان گڏ پنهنجي فلم ”ڪدي هريانا ول دي“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي.سونم باجوا جو چوڻ هو ته مان هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ وئي هئس جتان مان بريلي ايئرپورٽ تي ماسڪ پهريل هئس، ايئرپورٽ تي هڪ عورت مون وٽ آئي ۽ پڇيو ته ڇا تون سونم باجوا آهين ؟ جنهن کان پوءِ عورت مونکي چيو ته مون تنهنجي ڪري مڱڻي ٽوڙي ڇڏي آهي سونم باجوا جو چوڻ هو ته عورت جون ڳالهيون ٻڌي مان حيران ٿي ويس ۽ مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ردعمل ڏيان پر پوءِ عورت پاڻ ئي مون کي چيو ته مان ڏاڍي شڪر گذار آهيان، اهڙي شخص سان منهنجي مڱڻي ٿي آهي، جيڪو توهان جو ديوانو هو سونم باجوا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجي پارٽنر کي به منهنجي بدران ڪنهن ٻئي اداڪار جو جنون آهي ته مان ان کي به پسند نه ڪندس.