ڪراچي واسين تي بجلي بم حملو، 10 رپيا مهانگي

اسلام آباد: ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي 10 رپيا مهانگي ڪري ڇڏي آهي.نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ 9 مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي اعلان موجب جون کان سيپٽمبر تائين بجلي صارفين کان اضافي چارجز وصول ڪيا ويندا.ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي جون ۾ 2 رپيا 67 پئسا في يونٽ اضافي ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته جولاءِ ۾ صارفين کي 3 رپيا 10 پئسا في يونٽ اضافي ادا ڪرڻو پوندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي آگسٽ ۾ 3 رپيا 22 پئسا في يونٽ اضافي ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي سيپٽمبر ۾ 99 رپيا 99 پئسا في يونٽ اضافي ادا ڪرڻو پوندو.بيان موجب اِهو واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائن گراهڪن تي لاڳو نه ٿيندي.

Electric bomb attack on Karachi residents