حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرزڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرز جي دڪان اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، زخمين مان اڄ وڌيڪ 2 ڄڻن سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ دم ڏنو.

گذريل رات 4 زخمي فوت ٿيا هئا، سول اسپتال حيدرآباد مان اڄ وڌيڪ 4 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، 50 زخمين مان ڪراچي منتقل ڪيل زخمين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو.

گذريل ڏينهن حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ سلينڊرز جي دڪان ۾ ڌماڪي ۽ باهه ڀڙڪڻ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

زخمين جو حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو وڌي ويو