رفع آپريشن خلاف اسرائيلي سفارتخاني آڏو احتجاج،پيٽرول بم حملا

ميڪسيڪو : ميڪسيڪو ۾ اسرائيلي سفارتخاني آڏو احتجاج ڪندڙن جي وڏي انگ غزه ۾ جنگبندي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو، ان دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ميڪسيڪو سٽي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون احتجاجي مظاهري ۾ سوين مظاهرين ارجنٽ ايڪشن فار غزا ۾ شرڪت ڪئي.ياد رهي ته اسرائيلي فورسز آچر جي ڏينهن رفح ۾ گڏيل قومن طرفان محفوظ علائقو قرار ڏنل پناهگيرن جي ڪيمپ تي سخت بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 45 فلسطيني سڙي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.ميڊيا رپورٽن موجب ان موقعي تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهيڙا به ٿيا، پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ۽ پٿراءُ ڪيو جڏهن ته مظاهرين سفارتخاني ٻاهران لڳل سڪيورٽي رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بوتلون بم به اڇلايا اسرائيلي سفارتي احاطي ۾ اڇلايو، جنهن کي باهه ڏئي ڇڏي، پر اسرائيلي سفارتخاني جي عمارت مڪمل طور تي حملي کان محفوظ ٿي وئي.

Protest in front of the Israeli embassy against the removal operation