پاڪستان ۾ ايندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي: ورلڊ بينڪ

اسلام آباد: عالمي بينڪ چيو آهي ته ايندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، جيڪا هلندڙ سال تقريبن 26 سيڪڙو تائين رهندي.

عالمي بينڪ طرفان پاڪستاني معيشت بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ معيشت جي شرح 1.8 سيڪڙو رهندي جيڪا ايندڙ سال 2.3 سيڪڙو جي شرح سان وڌندي.

عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب ايندڙ مالي سال زراعت ۽ صنعت جي شرح 2.2 سيڪڙو هوندي. جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو معيشت جو تقريبن 0.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.