اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،انڊيڪس 74 هزار جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران زبردست تيزي ڏٺي پئي وڃي،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي مثبت شروعات ٿي ۽ 100 انڊيڪس 55 پوائنٽن جي واڌ سان 73141 تي پهچي ويو جڏهن ته انڊيڪس 833 پوائنٽس جي واڌ سان 73918 جي سطح تي پهتو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻئين ڪاروباري سيشن دوران وڌيڪ تيز رفتاري ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس مجموعي طور تي هڪ هزار پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو سان 74 هزار جي سطح کي پار ڪري ويو.

index crosses 74Stock exchange surges