مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ دفعو ٻيهر بجليءَ بم ڪيرايو ويو، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي

اسلام آباد : نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائيندي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 83 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. مارچ جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ مهيني لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي

بجلي جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مهيني جي بجلي جي بلن تي لاڳو ٿيندو

بجلي جي اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندي

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ نيپرا واڌ جو اعلان ڪيو آهي

An electric bomb was once again dropped on the people who were suffering from high prices