عاطف اسلم مليالم فلمن ۾ اچڻ لاءِ تيار

لاهور : پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جو بي تاج بادشاهه گلوڪار ۽ اداڪار عاطف اسلم اردو، هندي ۽ پنجابي گيتن ۾ پنهنجو جادو جڙڻ کانپوءِ هاڻي مليالم ميوزڪ انڊسٽري ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي. مليالم فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار شان نگم ان حوالي سان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي تصديق ڪئي آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ عاطف اسلم سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ ڪيپشن ۾ پڻ خوشي جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني گلوڪار پنهنجي ايندڙ فلم ۾ پنهنجي آواز جو جادو ڏيکاريو آهي.شان نگم پنهنجي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”توهان جا لڳ ڀڳ سمورا گيت بشمول عادت، واهه سنگ، تيري بن هميشه منهنجي دل جي ويجهو رهيا آهن. تنهنجو آواز روح کي سڪون بخشي ٿو.هن لکيو ته ”مان واقعي خوش قسمت آهيان جو توهان سان ملاقات ڪئي ۽ فلم ”هال“ کي پنهنجو آواز ڏنو، مان اڳ ۾ ئي هن گاني جو عادی آهيان ۽ اميد آهي ته ٻين کي به اهو پسند ايندو.