18 مهينن کان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، 3 سياسي پارٽين کان سواءِ سڀني سان ڳالهيون ٿينديون: عمران خان

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 3 پارٽين کان سواءِ سڀني سان ڳالهيون ڪنداسين، 3 رڪني ڪميٽي ڊيل جي لاءِ نه ڳالهين جي لاءِ ٺاهي آهي.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين ۾ عمران خان چيو ته ڳالهيون مخالفن سان ٿينديون آهن، دوستن سان نه ۽ ڊيل اهو ڪندو آهي جنهن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو هجي يا پوءِ جيل مان سزا کان بچڻو هجي.

عمران خان چيو ته اسان 18 مهينن کان چئي رهيا آهيون ته ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون ڇو ته سياست ۾ ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ اسان 3 پارٽين کان سواءِ سڀني سان ڳالهيون ڪنداسين جنهن جي لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.  

تحريڪ انصاف جي چيئرمين هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته مون ڪميٽي کي صرف ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڊيل جو ڪوبه تعلق نه هوندو ۽ نه ئي منهنجي جيل کان ٻاهر اچڻ جي ڪا خواهش آهي.

عمران خان چيو ته هاڻ هي منهنجي مٿان توشه خانه جو چوٿون ڪيس ٺاهي رهيا آهن،  هنن جيڪي به ڪيس ٺاهيا آهن اهي هڪ ئي ڀيرو ٺاهيا ويا پر مان پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽندس.

We are ready for talks for 18 months