آرمي چيف عاصم منير سان باڪسر عامر خان ۽ مارشل آرٽس چيمپين شاهه زيب رند جي ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان باڪسر عامر خان ۽ مارشل آرٽس چيمپين شاهه زيب رند ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب باڪسنگ ليجنڊ عامر خان ۽ مارشل آرٽس چيمپين شاهه زيب رند جنرل هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪري آرمي چيف سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف راندين جي ميدان ۾ ٻنهي رانديگرن جي بهترين ڪاميابي تي سندن تعريف ڪئي. آرمي چيف پاڪستان جي نوجوانن جي بهترين صلاحيتن تي مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪيو.

ياد رهي ته 21 اپريل تي ڪرايل ڪومبيٽ مقابلن ۾ پاڪستان ڀارت کي 1-2 تان شڪست ڏني هئي. ميچ ختم ٿيڻ تي شاهزيب رند ٻنهي ملڪن جا جهنڊا کڻندي چيو هو ته اسان دشمن نه آهيون اسان دوست آهيون! هن فائٽ جو مقصد ٻنهي ملڪن جي رابطن کي ويجهو آڻڻ آهي.