انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 25 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 5 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا سستا ٿي 278 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ شروعات ۾ مخلوط ڪاروبار جو رجحان ڏٺو ويو، جيڪو بعد ۾ مثبت رخ ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 642 پوائنٽن جي واڌ سان 71 هزار 299 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 70 هزار 657 پوائنٽس تي بند ٿيو.